حليم لکيو

حليم لکيو

حليم لکيو

حليم لکيو (ڪتاب): هي ڪتاب سنڌ جي نامور مزاح نگار ۽ منفرد ليکڪ حليم بروهيءَ جي لکڻين ۽ ڪالمن تي مشتمل آهي، جنهن کي نور جوڻيجي ترتيب ڏئي، ينگ لٽرري سوسائٽي، حيدرآباد پاران 2011ع ۾ ڇپايو آهي. هن ڪتاب جو مهاڳ نامور دانشور محمد ابراهيم جويي لکيو آهي. هن ڪتاب ۾ حليم بروهيءَ جو اڳ ڇپيل ننڍڙو ڪتابڙو ’هٽلر لکيو‘ سان گڏ سندس ڪيترا تاريخي ڪالم شامل آهن، جن ۾ ’اهو سادو ماڻهو‘، ’ٻهراڙيون ۽ انگريزي اکر‘، ’عمر خيام جي مٽيءَ مان ٺهيل ماڻهو‘، ’ايڪٽنگ‘، ’عربين ورهيه اڳ‘، ’دبئيءَ ۾ سنڌي‘، ’مادري ٻولي‘، ’مشاورت ۽ تحفظات‘، ’سوشل سائنس‘، ’اجايون ڳالهيون‘ ۽ ٻيا شامل آهن. ڊيمي سائيز جي 190 صفحن تي مشتمل هن ڪتاب جو پهريون ڇاپو 2011ع ۾ ڇپيو آهي. هي ڪتاب فائين ڪميونيڪيشن حيدرآباد مان ڇپيو ۽ ينگ لٽرري سوسائٽي، حيدرآباد پڌرو ڪيو. ڪتاب جي قيمت 150 روپيا آهي. ڪتاب جي آخر ۾ گهنور خان جتوئيءَ جو ’حليم دي گريٽ‘ ۽ سندس نياڻي ثنا حيات بروهيءَ جو رومن سنڌيءَ ۾ لکيل مضمون شايع ڪيو ويو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو